ٽڙڙڙ ٽڙڙڙ

ٽُڙڙڙ ٽُڙڙڙ: هي ٿرپارڪر جو مشهور گيت آهي، جيڪو اتي جا عام ماڻهو مال چاريندي يا ڪچهرين ۾ وڏي شوق سان چوندا آهن. هن گيت جي شروعات لاءِ هڪ روايتي قصو آهي. چون ٿا ته آڳاٽي وقت ۾ لاڙ جو مصري نالي هڪ اوٺي، چاري جي سانگي پنهنجون ڏاچيون ڪاهي ”ڇوڙ نئين“ وٽان اچي ٿر ۾ گهڙيو ۽ جالو چونري نالي ڳوٺ لڳ اچي ويٺو. مصريءَ جو مٿو هميشه ڪوڙيل هوندو هو، ان ڪري اوسي پاسي جا ماڻهو کيس ”مصري موڏو“ ڪري سڏيندا هئا. جيئن ته هن لاءِ اهو علائقو نئون هو، نه ڪو دوست هو نه ساٿي. ان لاءِ هو پنهنجي روح کي ريجهائڻ لاءِ نڙ وڄائيندو هو. هڪ ڏينهن شام جي وقت نڙ وڄائي رهيو هو ته اُتان سَمِي نالي هڪ عورت مال ڪاهي گهر ڏانهن پئي وئي. هوءَ نڙ جو آواز ٻُڌي، مصري وٽ آئي. مصري پنهنجي موج ۾ نڙ پئي وڄايو. هن کي عورت جي اچڻ جي خبر ئي نه پئي. جڏهن چوڌاري اوندهه ٿي وئي ۽ مصري نڙ بند ڪيو ته نڙ بند ٿيڻ سان ئي هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ مصريءَ جي مٿان ڪِري پئي. مصري ڇِرڪ ڀري اٿيو ۽ ڊوڙي پاڻي کڻي آيو. پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيائين. ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ هوش ۾ آئي. ائين هڪ ٻئي سان ٻنهي جو نينهَن ٿي ويو. پوءِ اهي لوڪ کان لِڪي ملندا هئا. وسڪاري جا چار مهينا پورا ٿيا. هڪ رات مصري رات جو مال ڪاهي لاڙ واپس روانو ٿي ويو، صبح جو سَمي آئي، وٿاڻ خالي ڏٺائين. ڏاڍي ڳولا ۽ پُڇا ڪيائين پر مصريءَ جو پتو نه پيو. مصريءَ جي جُدائيءَ ۾ هي گيت سَمِي ٺاهيو، پر اهڙي طرح آلاپيندي هئي جو آخري وراڻي ۾ نڙ جي آواز وانگر ”ٽُڙڙڙ، ٽُڙڙڙ“ جو آواز نڪرندو هو ۽ ماڻهو سمجهندا هئا ته گيت سان گڏ نڙ ٿو وڄي. ان گيت جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
مصري ڙي موڏو- ٽُڙڙڙ، ٽُڙڙڙ،
جالُو رو چونرو، ٽُڙڙڙ، ٽُڙڙڙ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو